ميرپورخاص: ڪاميابي ماڻيندڙ ڪالونسلرن جي مان ۾تقريب منعقد ڪئي وئي

Spread the love

ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص جي علائقي ستار نگر واسين پاران تازو مڪاني چونڊون ۾ ڪاميابي ماڻيندڙ يونين ڪاؤنسل نمبر 10 تعلقي ميونسپل ڪارپوريشن جي تڪ سيد خادم علي شاھ تان عورتن واري مخصوص سيٽ تي اقليتي جنرل ڪائونسلر ورجو عرف راڌا ميگھواڙ، ستار نگر تان جنرل ڪائونسلر سنو ڌاڻڪ، وارڊ نمبر 3 يونين ڪاؤنسل سيد خادم علي شاھ تان جنرل ڪائونسلر ڪامريڊ پرشوتم داس ء وارڊ نمبر 4 تان ڪامياب ٿيندڙ اقليتي ڪائونسلر رائمل جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ستار نگر پاڙي ۾ آجياڻي تقريب منعقد ٿي.

تقريب جو آغاز پريم ڪمار پرمار گائيتري منتر سان ڪئي جڏهن ته ستار نگر واسي سماجي اڳواڻ حمير آيل مھمانن کي ڀليڪار چئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي خاص مھمان اقليتي جنرل ڪائونسلر ورجو عرف راڌا ميگھواڙ چيو ته آئون ستار نگر واسين جي نھايت ٿورائتي آهيان جن منهنجي مان ۾ آجياڻو ڏنو. ھن چيو ته سندس دروازا ھميشه عوام لاءِ کليل آهن ء آئون پنهنجي تڪ جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪڏهن به وسان نه گهٽائيندس. ھن چيو ته کيس پاڪستان پيپلز پارٽي پاران پ پ ميرپورخاص ڊويزن جي صدر پير آفتاب حسين شاھ جيلاني، پير حسن شاھ جيلاني ء ايم پي اي سيٺ ھري رام ڪشوري لال جي توسط سان اقليتن واري مخصوص سيٽ تي جنرل ڪائونسلر چونڊيو ويو آهي. ڪامريڊ پرشوتم داس چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ھارين، مزدورن ء غريب عوام جي پارٽي آهي،

پ پ جي باني قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوام کي شعور ڏنو ء روٽي ڪپڙا اور مڪان تحت ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي جڏهن ته سندس نياڻي ملڪ جي پھرين خاتون وزيراعظم شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پڻ پنھنجي ملڪ ء قوم لاءِ پنھنجي جان جو نذرانو ڏئي ملڪ ء ملڪ جي عوام کي بچايو.ھن چيو عوام جي دلين ۾  ڀٽو اڄ به زنده آهي ء زنده رھندو. سنو ڌاڻڪ چيو ته ستار نگر واسين مٿس اعتماد ڪري بلدياتي اليڪشن ۾ ووٽ ڏئي جنرل ڪائونسلر طور ڪامياب ڪرايو. ھن چيو ته ستار نگر ۾ وڏي عرصي کان گٽرن ء گندي پاڻي جي نيڪال ڊرينيج سسٽم ء پيئڻ جي پاڻي جو جيڪو مسئلو آهي ان جي درستگي ء نيڪالي لاءِ فنڊ جاري ٿيڻ بعد جلد ڪم شروع ڪرايو ويندو ء علائقي جي صفائي سٿرائي ء گھٽين کي پڪو پڻ ڪرايو ويندو.

 اقليتي ڪائونسلر رائمل چيو ته اڄ اسان جي مان ۾ ستار نگر واسين آجياڻو ڏئي اسان جون دليون کٽي ورتيون آهن. ان کان اڳ تقريب جي مھمانن ورجو عرف راڌا ميگھواڙ، سنو ڌاڻڪ، ڪامريڊ پرشوتم داس ء رائمل کي شريمتي جانان (ٽنڊو باگو) چيتن پرمار، سائين چندي رام، رميش پرمار، سنيل ڳرلو، نقاش راٺوڙ ، ماستر چيتن، شريمتي ڪانھو، گووند، پپو ڌاڻڪ، رميش ڌاڻڪ، اشوڪ ڪمار اجرڪون ء گلن جا هار پارايا جڏهن ته پروگرام جي اسٽيج سيڪريٽري پارومل پريمي کي ورجو عرف راڌا ميگھواڙ اجرڪ ء گلن جا هار پارايا.

تقريب ۾ سائين چندي رام ء حمير پڻ خطاب ڪيو جڏهن ته ستار نگر واسين پاران تاڙين جي گونج ۾ جيئي ڀٽو، جيئي بلاول، پاڪ فوج زنده آباد ء پاڪستان پائنده آباد جا نعره پڻ ھنيا ويا ء نوجوانن ء ٻارن پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي گيتن “نشان تير بجا الي، تي دشمنان تئي ابو” ء “جيئي بلاول” تي جھمريون پڻ پاتيون. ان موقعي تي تقريب ۾ ڪمپيئرنگ جا فرائض ناليواري اديب ء سماجي اڳواڻ پارومل پريمي انجام ڏنا.

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو