ملير: بدامني ۽ پوليس جي لاپرواهي خلاف شيدي ڳوٺ جي نوجوانن جو احتجاج
ملير (ڊر) ملير جي مختلف علائقن ۾ وڌنڌر بدامني ۽ پوليس جي لاپرواهي خلاف شيدي ڳوٺ جي نوجوانن پاران عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان بک هڙتال ، شاهه لطيف پوليس خلاف اڀ ڏاريندر نعرا ،شاه لطيف ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي فوري طور برطرف ڪري ملير امن بحال ڪرائڻ جو مطالبو تفصيل موجب : ملير جي مختلف علائقن شيدي ڳوٺ ، درساڻو ڇنو، رزاق آباد ، پير سرهندي ، ميمڻ ڳوٺ ، ڊملوٽي ۽ ٻين ۾ وڌندڙ بدامني ۽ پوليس جي غفلت خلاف سماجي اڳواڻن حبيب زيب خاصخيلي ، حسين ساگر ، محمد رمضان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان احتجاجي بک هڙتال ڪئي وئي
جنهن ۾ مظاهرو ڪندڙ نوجوان ايس ايڇ او شاه لطيف کي برطرف ڪريو ، ملير ۾ امن قائم ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ملير ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪي اٿي آهي هر ڏينهن ڦورو عام شهرين کان ڏينهن ڏٺي ڦر ڪندا فرار ٿي ويندا آهن تازو ئي شيدي ڳوٺ ۾ گذريل ٽن ڏينهن ۾ ٽي وارداتون ٿي چڪيون آهن هنن چيو ته اسان چور پڪڙي پوليس حوالي ڪريون ٿا ۽ پوليس اُڳاڙي بعد کين آزاد ڪري ڇڏي ٿي بدامني عروج تي آهي جڏهن ته پوليس لاتعلق بڻيل آهي اسان جا نوجوان مزاحمت ڪن ٿا ته کين ماريو ٿو وڃي عام ماڻهو غير محفوظ بڻيل آهي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ناڪا قائم ڪري گشت وڌايو وڃي ته جيئن عام ماڻهو ڦورئن کان محفوظ ٿي سگهن.
جُون 17, 2023