سکر: قريشي ڳوٺ واسڻ  جو مڙس ۽ ڏيرن جي ظلم خلاف احتجاج

Spread the love

سکر( رپورٽر ) قريشي ڳوٺ واسڻ نصيبه جو احتجاج پنو عاقل موچن ڳوٺ واسي پنھنجي مڙس طالب انڍڙ ۽ ڏيرن عارب ، غلام النبي ، نبي بخش ء حميد انڍڙ خلاف دانھون ڪيون ، نصيبه روئندي ٻڌايو ته شاديءَ کي ست مھينا ٿيا آهن ، ھڪ مھينو سمورا گھر ڀاتي صحيح ھلايا ء پوء وري مڙس توڙي ڏيرن ظلم جا پھاڙ ڪيرايا ،

جانورن کان بدتر زندگي گذاريان پئي ، مڙس ۽ ڏير بدترين تشدد ڪن پيا ۽ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيندا ھئا ، وجھ وٺي پوليس وٽ پھتس جنھن بعد ڪورٽ سڳوريءَ جي حڪم مطابق وھشي مڙس جي قيد کان آزاد ٿي ڀاء وٽ پھتي آھيان ، اعلیٰ اختيارين کان تحفظ ۽ انصاف جي گھر ڪيان ٿي.

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو