سکر : جماعت اسلامي جي سڏ تي زبير حفيظ شيخ جي اڳواڻي ھيٺ احتجاجي مظاھرو
سکر ( رپورٽ: ماجد منگي ) جماعت اسلامي امير سراج الحق جي ڏنل احتجاج واري ڪال تي سکر جي صدر زبير حفيظ شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ ڪراچي جي ميئر شپ جي چونڊن ۾ ڌانڌلي خلاف سڄي ملڪ وانگر سکر ۾ به احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جماعت اسلامي جي ڪارڪنن تي تشدد ۽ ڪراچي ميئر جي چونڊ ۾ ڌانڌلي خلاف سخت نعريبازي ڪئي،
ان موقعي تي جماعت اسلامي سکر جي نائب امير سرفراز صديقي، سٽي صدر جي آءِ يوٿ جواد الرحمان ميراڻي، عبدالخالق سميت ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي سکر جي امير زبير حفيظ شيخ چيو ته ڪراچي جي ميئر جي چونڊ دوران 31 چونڊيل ميمبرن کي غائب ڪرڻ ملڪي تاريخ جو سڀ کان انوکو واقعو آهي جنهن کي رد ڪيو وڃي.
هنن چيو ته جماعت اسلامي ڪراچي جي عوام جي مينڊيٽ جي حفاظت لاءِ پاڪستان جي آئين ۾ اجازت ڏنل سمورا طريقا اختيار ڪندي، عدالتن ۾ به وينداسين ۽ پرامن احتجاج به جاري رهندو۔ اڳواڻن چيو ته ڪالهه تاريخ جو بدترين ڏينهن ۽ جمهوريت لاءِ ڪارو ڏينهن هو، ڪراچي جو مينڊيٽ چوري ڪيو ويو هن جعلي غاصب مينڊيٽ کي رد ڪيون ٿا اليڪٽورل 10 سيڪڙو ميمبر به موجود نه هئا.
ڪو ٻڌائي ته انهن کي ڪنهن پڪڙيو ۽ غائب ڪيو، زبردستي روڪيو يا خريد ڪيو آھي . هن غير جمهوري، غير آئيني ۽ غير قانوني عمل ذريعي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪري ٺڳيءَ سان حاصل ڪيل مينڊيٽ کي رد ڪندي، جماعت اسلامي عوام جي حقن جي تحفظ ۽ آئين، قانون جي بالادستي لاءِ ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽنداسين۔
جُون 17, 2023