سيٺارجا: جماعت اسلامي جي سڏ تي ممتاز حسين سھتو جي اڳواڻي ھيٺ احتجاج ڪيو ويو
سيٺارجا (رپورٽر) ڪراچي ۾ ميئر شپ جي عھدي تي ٿيل رياستي ڏاڍ ۽ ڪرپشن جي خلاف جماعت اسلامي جي مرڪزي سڏ تي سيٺارجا جي ويگن اسٽاپ چوڪ تي صوبائي نائب امير ممتاز حسين سھتو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن کي خطاب ڪندي ھن چيو ته ڪيتري افسوس جي ڳالھ آھي
جو جنھن جماعت 9 لک ووٽ حاصل ڪيا انھن کي نظر انداز ڪري 3 لک ووٽ کڻندڙ حڪمران جماعت رياستي ڏاڍ ۽ ڪرپشن ذريعي عوام جي ووٽ تي ڌاڙو ھنيو آھي ۽ اھا ڪا نئين روايت يا ڳالھ ناھي جيڪي سالن کان ملڪ خاص طور تي سنڌ جي مظلومن کي لٽيندا ڦريندا پيا اچن ۽ قومي خزاني کي تباه ڪندا پيا اچن ۽ انھن جمھوريت جي نالي تي جيڪا ڀينگ ڪئي آھي
انھن لاء ھي عمل معمولي ڳالھ آھي . ھن چيو ته خوشحال سنڌ جي عوام کي ھنن بک بدحالي جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي . جنھن ڪري عوام کي انھن حقيقتن تي اکيون بند ڪري ويھڻ سان تباھي ۾ اضافو ايندو ۽ ايندڙ نسل وڏين مصيبتن ۾ مبتلا ٿيندو . جنھن ڪري اچو ته گڏجي ان بدبودار نظام جي خاتمي لاء جدوجھد ڪيون . مظاھري کي امير جماعت اسلامي سيٺارجا در محمد خاصخيلي . امتياز حسين سھتو . اسلامي جمعيت طلبه جي احس حسين سھتو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .
جُون 17, 2023