سيوھڻ: پراڻي واپڊا آفيس سامھون ٽرانسفارمر ٻيھر سڙي ويو، علائقي واسي پريشان
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي) سيوھڻ جي پراڻي واپڊا آفيس جي سامھون وارو ٽرانسفارمر ھڪ دفعو ٻيھر سڙي ويو ، جڏھن ت ذريعن کان معلوم ٿيو آھي ت سڙيل ٽرانسفارمر تي لوڊ گھڻو ھئڻ ڪري سڙي ويو آھي ،جڏھن ت ان علائقي جي عوام کي ھن گرمي جي موسم ۾ واپڊا سيوھڻ انتظاميه تمام گھڻو پريشان ڪري ڇڏيو آھي،
جڏھن ت مٿي ڏسيل علائقي جو ٽرانسفارمر گذريل ڏينھن کان خراب ٿيل آھي، پر ان جي مرمت ڪرائڻ لاء واپڊا انتظاميه سيوھڻ ڪوب تحرڪ ن ورتو آھي، جڏھن ت ان علائقي جو عوام ۽ ان علائقي ۾ ڪاروبار ڪندڙ عوام سخت پريشان نظر اچي رھيو آھي ،جڏھن ت ان علائقي ۾ واپڊا انتظاميه سيوھڻ جي پراڻي آفيس پڻ آھي،
پر گذريل ڏينھن کان سڙيل ٽرانسفارمر کي ن ٺھرايو ويو آھي، سيوھڻ شھر جي وپڊا انتظاميه جي نااھلي ۽ ان ٽرانسفارمر جي لائن تي مقرر ٿيل لائن مين جي لاپرواهي جي ڪري ٽرانسفارمر سڙي ويو آھي ، جڏھن ت لائن مين ھن خراب ٿيل ٽرانسفارمر تي ڪوب توجھ ن ڏيئي رھيو آھي،
سيوھڻ جي ان علائقي جي رھواسين ۽ ڪاروبار ڪندڙن حيسڪو چيف حيدرآباد ايگزيڪيٽو انجنيئر ڪوٽڙي ڊويزن جن کان مطالبو ڪري رھيا آھن ت خدارا اسان جي علائقي جو خراب ٿيل ٽرانسفارمر جلد کان جلد ٺھرايو وڃي ۽ ان علائقي جي عوام کي ۽ ڪاروبار ڪندڙن دوڪاندارن کي بجلي مھيا ڪري ڏني وڃي.
جُون 17, 2023