سيوھڻ: ساڃاھھ وندن پاران پوليس چونڪي تي عملو مقرر ڪري، بحال ڪرڻ جو مطالبو
سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي) سيوھڻ ۾ حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي درگاھ ڀرسان ھڪ پوليس چونڪي گورنمنٽ طرفان قائم ٿيل آھي، جيڪا موبائيل ٽريسنگ ڊيسڪ وغيره جي لاء درگاهه حضرت لعل شھباز قلندر رح جي سوني دروازي (گولڊن گيٽ ) تي واقع آهي،
اصل ۾ ھيء پوليس چونڪي ون فائيو مددگار سيوھڻ ۾ ايندڙ قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي ايندڙ زائرين جي مدد لاء کولي ويئي ھئي،
ھن چونڪي کولڻ جو مقصد اھيو ھئو ت قلندر شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي ايندڙ زائرين کان جيڪي بشني موبائلون وغيرہ کيسن مان ڪڍن ٿا، انھن زائرين جون موبائلون ٽريس ڪري انھن موبائلن جي لوڪيشن معلوم ڪرڻ لاء پوليس چونڪي قائم ڪئي ويئي ھئي،
پر اڪثر ڏٺو ويو آھي ت اھا پوليس چونڪي صرف ميلي جي ٽائيم ۾ کولي وڃي، ٿي پر پوء اھا پوليس چونڪي سڄو سال بند رھي ٿي، حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي پانڌيئڙن کي ھن پوليس چيڪ پوسٽ مقرر ڪرڻ جو ڪوب فائدو ن ملي رھي آھي، جڏھن ت ھيء پوليس چونڪي جيڪا حڪومت سنڌ درگاھ قلندر شھباز رحمت الله عليه جي مزار تي مقرر ڪئي آھي،
ت ان چونڪي تي پوليس عملو مقرر ڪيو وڃي ۽ ھن پوليس چونڪي کي بحال ڪيو وڃي، ت جيئن حضرت قلندر شھباز رحمت الله عليه جي زيارت ڪرڻ لاء ايندڙ پانڌيئڙن کي پنھنجي کيسي مان نڪتل جيب ڪترن جي ھٿان موبائلون ۽ ٻيو سامان وغيره جي صحيح نموني جانچ ڪري انھن قلندر جي پانڌيئڙن جون نڪتل کيسن مان موبائلون يڪدم واپس ڪرائي سگھجن،
ھاڻي ت حضرت لعل شھباز قلندر رح جي پانڌئيڙن جو ڪو ب سامان محفوظ ن آهي، جيب ڪترا آساني سان بي خوف ٿي لعل شھباز قلندر رحمت الله عليه جي پانڌئيڙن جا کيسا ڪٽي فرار ٿيئڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا، جڏھن ت ھن قائم ڪيل پوليس چونڪي ويران ھئڻ ڪري ان ۾ نشو ڪندڙ ماڻھون رات توڙي ڏينھن جو آرام ڪرڻ لڳا آھن،
جڏھن ت ان پوليس چونڪي ۾ رولو ڪتا ب آرام ڪندي نظر اچي رھيا آھن، سيوھڻ جي عوام ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ٿي ڪري ت سيوھڻ م حضرت قلندر لعل شھباز رحمت الله عليه جي مزار ڀرسان جيڪا پوليس چونڪي قائم ڪئي ويئي آھي، ان م عملو مقرر ڪري ان چونڪي کي بحال ڪيو وڃي.
جُون 17, 2023