دادو: ڊپٽي ڪمشنر ڪاري پل جي ھلندڙ ترقياتي ڪم جو جائزو ورتو

Spread the love

دادو (رپورٽ : سرور جلال سولنگي )  ڪاري موري خیرپور ناٿن شاھ ۾ ورلڊ بينڪ جي سھڪار سان ایریگیشن کاتي پاران زیر تعمیر ڪاري موري پُل جي دوري تي ڊپٽي ڪمشنر دادو سيد مرتضيٰ علي شاهه پھچي ھلندڙ ڪم جو تفصيلي جائزو ورتو،

ان موقعي تي ايڪسیئن سدرن دادو بلرام پاران ڊپٽي ڪمشنر دادو کي ھلندڙ ڪم بابت تفصيلي بریفنگ ڏني ڊپٽي ڪمشنر دادو پاران ڪم جي سست رفتاري تي عملدارن کان سخت پڇاڻو سان گڏ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو تہ ھلندڙ کي ڪم جلد پورو ڪري آبادگارن ۽ زمیندارن جي فصلن تائین پاڻي پھچائڻ جون ھدایتون ڏنيون ۽ پاٹي جي فراھمي کي يقيني بڻائڻ لاء ڊپٽي ڪمشنر دادو سيڪريٽري ايریگیشن ۽ چیف انجینیئر ایریگیشن کي خط پڻ لکي ڇڏيو آھي

 تہ جیئن تعلقي خیرپورناٿن شاھ ۽ تعلقي جوھي جي آبادگارن تائین جوھي برانچ جو پاڻي فوري طور پھچي سگھي ۽ ھُو وڌيڪ نقصان کان بچي سگهن ایندڙ فصل جي وقت سر پوکائي ڪري سگھن دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنر خیرپورناٿن شاھ عمران الحق ، ایس ڊي او ایریگيشن، ورلڊ بینڪ ڪنسلٽنٽ کان علاوہ مختلف لاڳاپیل ادارن جا عملدارن پڻ موجود ھئا.

جُون 17, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو