دادو: جوھي لڳ ڪڪڙ هورو جي ڳوٺاڻن جو پ پ اڳواڻن ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو
دادو (رپورٽ: سرور جلال سولنگي ) جوھي جي ڳوٺ ڪڪڙ هورو جي ڳوٺاڻن پيپلزپارٽي اڳواڻن بااثر پوليس عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪري دادو پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالمطلب پنهور، حسينه لغاري، غلام مصطفيٰ جمالي، حافظ يامين پنهور، عبدالرحمان ملاح چيو ته اسان جي ڳوٺ ڪڪڙ هورو تي بااثر قبضه خور پوليس عملدارن غلام مصطفيٰ لغاري، غلام مرتضيٰ لغاري، غلام علي لغاري، غلام حسين لغاري سميت 15 هٿيار بند ٽريڪٽر ڪاهي ناري جي پاڻيءَ واري سرڪاري زمين ۽ گھرن تي زبردستي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا
هٿيار بندن فائرنگ ڪري ڏني مزاحمت تي ڳوٺ جي 4 ڄڻن غلام حسين، عبدالرحمان، نظر محمد، ياسين ملاح کي زخمي ڪري عورتن کي مارڪٽ ڪري هليا ويا، جوهي ٿاڻي تي ڳوٺ جي 9 ڄڻن تي ايف آئي آر داخل ڪرائي جوهي پوليس ايس ايڇ او عباس ٻٻر اسان تي حملي ڪري زخمي ڪيل ڳوٺاڻن جو مخالف ڌر تي ايف آئي آر داخل نه ٿو ڪري لغاري پوليس عملدار 7 خون ڪيو ويٺا آهن
اي ٽي سي جا مٿن ڪيس داخل آهن، اسان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته ڳوٺ خالي ڪري وڃو،جوهي پوليس پٽي ڀائين جي ونگاري بڻيل آهي، هنن آء جي سنڌ ڊي آء جي حيدرآباد ايس ايس پي دادو ۽ پيپلز پارٽي قيادت کان مطالبو ڪيو ته اسان تي هٿياربندن جي ڪيل فائرنگ ۽ ناري جي سرڪاري زمين تي قبضو ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي ڪري ڳوٺاڻن تي داخل ڪوڙو ڪيس ختم ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي، ٻئي صورت ۾ پيپلزپارٽي پاران سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.
جُون 17, 2023