پرڀاس ۽ ڪريتي سينن جي فلم ”آدي پرش“ آن لائين ليڪ ٿي وئي

Spread the love

ممبئي (ويب ڊيسڪ) اداڪار پرڀاس ۽ ڪريتي سينن فلم ”آدي پُرُش“ سينيما ۾ رليز کان ڪجهه ڪلاڪ ٽورينٽ سائٽس تي ليڪ ٿي وئي.

فلم آدي پرش هندي ۽ تيلگو ٻنهي ٻولين ۾ ٽورينٽ سائٽس سوڌو تامل روڪرز، مووي رولز ۽ ٽيليگرام تي به ايڇ ڊي ڪوالٽي ۾ موجود آهي.

پرڀاس ۽ ڪريتي سينن جي فلم جو ڪنهن ٻي فلم سان ڪا به مقابلو ناهي پر آن لائين ليڪ ٿيڻ سبب فلم جي ٽڪيٽن جو وڪرو متاثر ٿي سگهي ٿو.

آدي پرش هندو افسانوي ”رامائن“ تي ٻڌل آهي جنهن ۾ پرڀاس، سيف علي خان، ڪريتي سينن ۽ سني سنگهه مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اوم راوت جي هدايتڪاري ۾ ٺهيل فلم کي 500 ڪروڙن جي ڳري رقم خرچ ڪري بڻايو ويو آهي، جڏهن ته پهرين ڏينهن ڏسندڙن ان تي مليل جُليل تاثرن جو اظهار ڪيو آهي.

جُون 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو