وارو ڪيو: اليڪشن ڪميشن عوام کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) عوام تي زور ڀريو آهي ته 13 جولاءِ کان اڳ پنهنجا ووٽ داخل ڪرائي ڇڏيو، ٻي صورت ۾ چونڊ فهرستون منجمد ڪيون وينديون.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب 13 جولاءِ آخري موقعو آهي، ان مان فائدو کڻو ۽ 8300 تي #CNIC موڪلي پنهنجو ووٽ چيڪ ڪيو ۽ 13 جولاءِ 2023 کان اڳ پنهنجو ووٽ رجسٽر ڪرايو.
اليڪشنز ايڪٽ 2017 تحت چونڊ فهرست ۾ ان ڏينهن کان 30 ڏينهن اڳ شروع ٿيندڙ مدي دوران ڪا نظرثاني يا درستگي نٿي ڪري سگهجي، جنهن ڏينهن ڪنهن اسيمبلي يا مقامي حڪومت جو مدو ختم ٿيڻ وارو هجي.س
چونڊ فهرستون اهم آهن، ڇو ته اهي ووٽرن جي فهرستن کي برقرار رکنديون آهن.
واضح رهي ته موجوده قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جو مدو هلندڙ سال آگسٽ ۾ ختم ٿي رهيو آهي، ڇو ته انهن جو 5 سالن جو مدو ختم ٿي ويندو.
آئين موجب ايندڙ عام چونڊون 13 آگسٽ تي موجوده قومي اسيمبلي جو مدو ختم ٿيڻ جي 60 ڏينهن اندر ٿيڻيون آهن، جيڪڏهن قومي اسيمبلي اڳ ۾ ٽٽي وڃي ٿي ته 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرايون وينديون.
