هيري بروڪ جي بدقسمتي، عجيب طريقي سان آئوٽ، وڊيو ڏسو

Spread the love

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن انگلش بيٽر هيري بروڪ عجيب طريقي سان آئوٽ ٿي ويو.

سوشل ميڊيا تي هيري بروڪ جي آئوٽ ٿيڻ جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي.

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته نيٿن ليون جو بال هيري بروڪ جي پيڊ تي لڳو، جنهن کانپوءِ هن هٿ مٿي ڪري ڇڏيا ته بال بيٽ سان ناهي لڳو.

هيري بروڪ ان ئي انداز ۾ بيٺو رهيو ۽ بال هوا ۾ بلند ٿيڻ کانپوءِ واپس وڪيٽن ڏانهن هليو ويو، بيٽر کي ان جو علم ئي نه ٿيو.

ڪامينٽريٽر به هيري بروڪ جي اهڙي انداز ۾ آئوٽ ٿيڻ کي بدقسمتي قرار ڏئي رهيا آهن.

هيري بروڪ جي آئوٽ ٿيڻ جي وڊيو ڏسو

جُون 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو