جيڪو چوندو هو ڪنهن کي نه ڇڏيندس، سڀ ان کي ڇڏي ويا: راڻا ثناءُ الله

Spread the love

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله تحريڪ انصاف چيئرمين کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته جيڪو چوندو هو ڪنهن کي نه ڇڏيندس، سڀ ان کي ڇڏي ويا.

ن ليگ جي جنرل ڪائونسل اجلاس سان خطاب ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اڄ اهو فرح گوگي جي ڦرلٽ جو جواب ڏئي سگهي ٿو نه ئي محترمه جي نالي تي القادر ٽرسٽ جو جواب، سڀ ان جي پارٽي کي ڇڏي ڀڄي رهيا آهن.

هن چيو ته 9 ئي جي واقعن کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو، اهو الله جو انصاف آهي، مريم نواز کي نواز شريف سامهون ان ڪري گرفتار ڪرايو ويو ته جيئن ان جو حوصلو ٽٽي.

سندس موجب 2021 ۾ پارٽي کي يوسي سطح تي منظم ڪرڻ جو پروگرام ٺاهيو هو، نواز شريف کي نااهل ڪري جيڪو سفر روڪيو ويو هو، اهو هن ئي سال ٻيهر شروع ٿيندو.

جُون 16, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو