ايراني پيٽرول جو وڪرو قانوني قرار
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ڪوئيٽا ۽ ڀرپاسي ۾ ايراني پيٽرول جي وڪري تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي.
وڏي وزير آءِ جي پوليس کي حڪم ڏنو آهي ته ايراني پيٽرول خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن.
ذريعن موجب وڏي وزير جو چوڻ آهي ته ايراني پيٽرول غريب گهراڻن جي ڪمائي جو ذريعو آهي.
هن چيو ته ايراني شين تي پابندي سان ڪيترائي خاندان ڪمائي آمدني کان محروم ٿي ويندا.
