پٽ کي جيل اُماڻيندڙ بليڪ ميلر ٽولي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي: محمد عقيل راجپوت جي ماءُ

Spread the love

روهڙي (رپورٽ: علي خان چنجڻ) روهڙي اسٽيشن روڊ جي رهواسي 12 ورهين جي مسڪان يوسفزئي کي جنسي ڏاڍائي جي الزام ۾ گرفتار محمد عقيل راجپوت جي والده، سندس ڀاءُ محمد عديل راجپوت ۽ مقامي عورتن جي روهڙي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ھنن الزام هنيو ته نينگريءَ جي پيءُ سان ملي ڪري بليڪ ميل ڪندڙ ٽولي هڪ وڏي سازشي ڊارمون رچائي محمد عقيل جي خلاف پوليس تي دٻاءُ وجهي زنا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو جيڪو ھن وقت سکر جيل ۾ بيگناهه سزا ڀوڳي رهيو آهي محمد عقيل راجپوت جي ماءُ پڻ ھي بي الزام هڻندي چيو ته نينگريءَ جي والد ۽ ان جي حمايت ڪندڙ غير رجسٽرڊ سماجي تنظيم جي چيئرمين حنا لاڙڪ منهنجي پٽ جا قرضدار ھو،قرض جي رقم واپس گهرڻ منهنجي پٽ جو گناهه بڻجي ويو ۽ نينگريءَ جو پيءُ ۽ سماجي تنظيم ۾ شامل هڪ بليڪ ميلر ٽولي جنهن اڳ ۾ ئي ڪيترن ئي خاندانن کي تباهه ڪري چڪا آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي پوليس ھٿان گرفتار ڪرائيڻ ۽ آزاد ڪرائيڻ ھنن ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آھي هنن منهنجي پٽ تي ڪوڙو الزام لڳائي وڏي رقم ڏنڊ ۾ وٺڻ لاءِ اها راند کيڏي تنهن هوندي به اسان انهن جي ڪنهن به بليڪ ميلنگ جو حصو نه بڻياسين،

 ته ھن ٽولي مسلسل منهنجي پٽ ۽ منهنجي خاندان کي بدنام ڪرڻ ۽ هراسان ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي اسان جي ڪردار ڪشي ڪرڻ ۾ مصروف آھن ۽ پوليس ۽ ٻيا ادارن کي اسان جي خلاف ڀڙڪائڻ لاءِ ذاتي ڪوششون ڪندي نظر اچي رهيا آهن محمد عقيل جي ماءُ جو اهو به چوڻ هو ته جاري ڪيل جنسي زيادتيءَ جي ميڊيڪل رپورٽ ۾ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته نينگريءَ سان ڪنهن به قسم جي جنسي زيادتيءَ يا زيادتيءَ جي ڪوشش ڪرڻ جا ثبوت نه مليا آھن ۽ اسان کي پنهنجي رب تي پورو يقين آهي ته اسان سان انصاف ٿيندو، جڏهن ته منهنجو پٽ جلد جيل مان آزاد ٿي پنهنجي گھرڀاتين تائين پهچندو،

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر ۽ سوشل ميڊيا تي ڪنهن به معزز شهري ۽ سندس خاندان جي ڪردار ڪشي ڪندڙ جي خلاف بڻيل ادارن جي سربراهن کان مطالبو ڪيو آهي ته جنهن منهنجي پٽ کي بيگناهه جيل جي سلاخن پٺيان پھچائيڻ واري غير رجسٽرڊ تنظيم جي چيئرپرسن ۽ ان سان گڏ ملي ڪري اسان جي خاندان جي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ڪندڙ بليڪ ميلر ٽولي جي خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪري وڃي واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ روهڙي جي اسٽيشن روڊ جي رهواسي عظيم يوسفزئي تي جي فرياد تي سندس 12 ورهين جي ڌيءَ سان جنسي زيادتيءَ جي الزام ۾ محمد عقيل راجپوت خلاف جنسي زيادتيءَ جو ڪيس داخل ڪري کيس جيل حوالي ڪيو ويو ۽ هن وقت سينٽرل جيل (ون) سکر ۾ قيد آهي، سندس ضمانت جي ٻڌڻي اڄ سيشن ڪورٽ سکر ۾ ٿيندي.

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو