نوشهروفيروز: نوجوان کي پوليس پاران کنڀڻ، تشدد ڪري غائب ڪرڻ خلاف احتجاج

Spread the love

نوشهروفيروز (رپورٽر)  نوشھرو فيروز ڀرسان ڳوٺ ڪوڙو سولنگي جي نوجوان پورھيت امداد سولنگي کي  ڦل پوليس کنڀڻ بعد سخت تشدد ڪري غائب ڪري ڇڏيو،سندس وارث عورتون قرآن پاڪ کڻي نيشنل پريس اڳيان شھزادي سولنگي ۔مومل۔فوزيا ۽ صنم سولنگي جي اڳواڻي ۾  احتجاج.

ڪيو خبر موجب ڳوٺ ڪوڙو سولنگي جي رھواسي پورھيت امداد سولنگي کي کوسن  جي اوطاق تان ڦل پوليس کنڀي سخت تشدد ڪرڻ بعد غائب ڪري ڇڏيو آھي. پورھيت کي غائب ڪرڻ خلاف عورتن پاران  نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو .

 ان موقعي تي  شھزادي سولنگي قرآن تي ھٿ رکي چيو ته مان ھن قرآن تي ھٿ رکي چوان ٿي ڦل پوليس منھنجي ڀاء تي تشدد ڪري ٿاڻي جي ڪمري ۾ بند ڪيو مان اتي پھچي ڏٺو ته منھنجي ڀاء جي ڳچيء ۾ ٻانھن تي ڌڪن جا نشان ھئا مان ڏسي روئندي دانھون ڪيو ھيڏو ظلم منھنجي ڀاء سان مون کي پوليس زوري ڌڪا ڏئي ٿاڻي مان ٻاھر ڪڊي ڇڏيو اسان ٻئي ڏيھن  جج کي درخوست ڏئي ڇاپو ھڻايو ته پوليس چيو ته اسان ان کي گرفتار نه ڪيو آھي

 اسان کي شڪ آھي ھنن منھنجي ڀاء کي ڦل فرائي ڪري ڇڏيو آھي جي نه ته ظاھر ڪن  آء جي سنڌ  ايس پي ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته فورن اسان جو ڀاء ظاھر ڪن منھنجي ڀاء کي ڪجھ به ٿيو ته ذميوار رفيق ٻوھيو ۽ وڏو منڇي شفيع محمد ملاح ھوندا ان موقعي تي   مومل، فوزيه، صنم سولنگي ۽ ٻين چيو ته ايس ايڇ او ڦل رفيق ٻوھيو اسان جي ڀاءُ امداد سولنگي کي ظاھر ن ڪيو ته اسان پاڻ کي باه ڏئي ساڙينداسين ڦل ٿاڻي اڳيان.

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو