ملير: شاه لطيف ٽائون جي گھر مان چوري، پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪاري
ملير ( ذوالفقار علي نصيراڻي ) شاه لطيف ٿاڻي جي حد شاه لطيف ٽائون سيڪٽر بي 20 جي گهر بي 174 مان اڻڄاتل چور گهر ٻاهران بيٺل سوزڪي ڪار ۽ گهر اندار تالا کولي موٽرسائيڪل ، سون ،روڪ رقم ،بينڪن جا چيڪ ، ليب ٽاپ فرنيچر ، گهر جا ڪاغذ ۽ ٻيو گهر جو قيمتي سامان گاڏين ۾ ڀريل کڻي ويا،
گهرمالڪ ٽيڪسٽائل انجنيئر محمد فيصل صديقي شاھ لطيف ٿاڻي پهچي ويو ، پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪندي اين داخل ڪئي ، متاثر خاندان گهرڀاتين چيو ته اسان ڳوٺ ويل هئاسين گهر کي تالا لڳل هئا گهر بند هيو
اسان کي پاڙيسرين فون تي اطلاع ڏنو ته اسان ون فائيو تي اطلاع ڏنو ۽ سي پي ايل سي کي به فون تي شڪايت درج ڪرائي اسان جڏهن واپس گهر پهتاسين ڏٺو ته چوري گهر جو سامان چوري ڪري ويا ته ۽ گهٽي ۾ رهندڙ پاڙيسرين ٻڌائين ٿا ته اڻڄاتل چوري ۽ سندن پوليس وردي ۾ ملبوس ماڻھو شراب جي نشي ڌت هئا
هٿيارن جي زور تي گهر جو سامان ٻھاري ويا هنن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاه ، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي جي رينجرس سنڌ کان چوري ٿيل گاڏي موٽرسائيڪل سون روڪ رقم ۽ قميتي سامان واپس ڪرائي چوري خلاف قانوني ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آھي.
جُون 15, 2023