سيوھڻ: پبلڪ ھيلٿ کاتي پاران ھڪ آر او پلانٽ کي شروع ڪري ڇڏيو

Spread the love

سيوھڻ (رپورٽ: محمد صفر سيوهاڻي ) سيوھڻ جو ھڪ آر او پلانٽ خير سان شروع ٿي ويو باقي سيوھڻ جي کوسه محله سيوھڻ ۽ ڇھٽو عمراڻي محلہ سيوھڻ ،

۽ جھاز چونڪ سيوھڻ  وارا آر او پلانٽ اڃان تائين خراب  نظر اچي رھيا آھن جڏھن ت پبلڪ ھيلٿ کاتي سيوھڻ پاران ھڪ آر او پلانٽ کي شروع ڪري ڇڏيو آھي جڏھن ت سنڌ پريس ڪلب جي صحافي دوستن ڪيترا چڪر پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي معرفت مسلسل خبرون پڻ ھلايون ھيون

 انھن خبرن جي ھلڻ کانپوء پبلڪ ھيلٿ کاتي پاران ھڪ  آر او  فلٽر پلانٽ ھڪ ڀيرو ٻيھر چالو  ڪري ڇڏيو  پر، رئيس واري گهٽي کوسا محلا سيوھڻ  ۾ واٽر فلٽر پلانٽ، درگاھ ڇٽو عمراڻي وٽ فلٽر پلانٽ، جهاز چونڪ تي فلٽر پلانٽ پڻ لڳل آھن انھن جي مرمت ن ڪرائي ويئي آھي

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو