گھوٽڪي: ميرپورماٿيلو ۾ جسقم چيئرمين جي اڳواڻي ھيٺ احتجاجي مظاھرو
گھوٽڪي (رپورٽ: محمد امين سومرو ) سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري، بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ خلاف، معصوم پريا ڪماري، عظيم ميڻڪ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ جسقم جي سڏ تي ميرپورماٿيلو ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي، مظاهرو، ڌرڻو،
سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور، ڊجيٽل آدمشماري نامنظور جا اڀ ڏاريندڙ نعريبازي، تفصيل موجب سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري، بدامني، لاقانونيت، ڌاڙيل راڄ خلاف، معصوم پريا ڪماري، عظيم ميڻڪ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ جسقم جي سڏ تي ميرپورماٿيلو ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ ميرپوماٿيلو کان ريلي شھر جي مختلف روڊن رستن جو گشت ڪري ڪندي ڀٽائي چوڪ تي پھتي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن ڪارڪنن موجودہ حڪومت خلاف ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري، ڊجيٽل آدمشماري نامنظور جا نعرا هنيا اڳواڻن خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي،
هنن وڌيڪ چيو ته ڊجيٽل آدم کي رد ڪيون ٿا، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿيل معصوم پريا ڪماري، عظيم ميڻڪ ٻين مغوين کي بنا دير بازياب ڪرايو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، ڊجيٽل آدمشماري کي رد ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي مختلف علائقن مان اغوا ٿي ويل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ پوري سنڌ اندر سخت احتجاج ڪيو ويندو.
جُون 15, 2023