گونر سنڌ پاران 18 ريليف ڪئمپن جو دورو، سامان تقسيم

Spread the love

ملير ( ذوالفقار علي نصيراڻي ) گورنر سنڌ ، ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ، اي سي ابراهيم حيدري ، چئيرمين ابراهيم حيدري سان گڏ چشما  ڳوٺ ابراهيم حيدري ملير پهچي ويو ، گونر سنڌ قائم 18 ريليف ڪئمپن جو دورو ڪيو متاثر مهاڻن سان مليو گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري مهاڻن ۾ راشن سميت ضرورت جو سامان ورهايو ورهايو ،

گورنر سنڌ ملير جي ساحلي پٽي جي ڳوٺن جو دورو ڪري سامونڊي پٽي جي صورتحال جو جائزو پڻ ورتو ان موقعي تي مليرگورنر سنڌ ڪامران ٽسوري جو چشما ڳوٺ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مان جڏهن برسات متاثر علائقن لاءِ نڪتس ته ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر چيو برسات آهي اوهان نه وڃو مان ڪيئن عوام کي اڪيلو ڇڏيان ڇا اوهان کي بجلي جي سهولت پاڻي بجلي ملي عمران خان چيو هو ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندس 50 لک گهر ٺاهي ڏبا اهي ملياعمران خان به ڪوڙ واعدا ڪياڪير به هن مشڪل گهڙي ۾ سامونڊي طوفان جي متاثرن وٽ ناهي پهتوسمورن متاثرن روزانو کاڌو ڏنو ويندو

ڪمشنر حيدرآباد سان ڳالھيون ٿيون آهن سڀاڻي کان سجاول ٺٽو 20 هزار خاندانن کي پڪل کاڌو ڏنو ويندو ووٽ وٺندڙ امير آهن ووٽ ڏيندڙ غربت جي زندگي گذاري رهيا آهن گورنر رهان يا نه رهان ووٽ لاءِ نه ايندس محبت لاءِ ايندس ڪيڏو به طوفان هجي ها مان اچان ها مونکي اوهان جي مشڪل جو اندازو آهي

اوهان جو حق آهي ته اوهان کي صحت تعليم جي سهولت ڏني وڃي ها گورنر هائوس کولڻ جو واعدو ڪنهن ٻئي جو هو پر مون موڪليو 3 لک ماڻهن افطار ڪيوڪنهن سان به ظلم هجي اهو گورنر هائوس جي دروازي تي اچي گهنٽي وڃائي غريب سان ظلم ڪرڻ نه ڏينداسين

اڄ 5 هزار ماڻهن جي کائڻ جو بندوبست ڪري آيا آهيون جيستائين هي طوفاني صورتحال آهي پڪل ماني ايندي

گورنر هائوس ۾ آءِ ٽي جو بنياد وڌو آهي چشما ڳوٺ جي 2 سئو ماهيگيرن جي ٻارڙن کي مفت تعليم مان پنهنجي گهران خرچ ڪري پرهائيندس انگلش ميڊيم ۾ داخلا ڏني ويندي.

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو