ٺٽو: سامونڊي طوفان جو خطرو، اقتدار ڌڻين پاران رليف ڪيمپن جو دورو
ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي) ڪجھ ڏينھن کان وٺي سمنڊ اندر ٺھندِڙ سامونڊي طوفان سنڌ جي ساحلي پٽي طرف وڌڻ لڳو، جيڪو اڄ ڪنھن بہ وقت ڪيٽي بندر سميت سنڌ جي ٻئي ساحلي پٽي سان ٽڪرائجي ويندو، جنھن ڪري امڪاني نقصان جو خطرو برقرار آھي، ٻئي طرف ضلعي انتظاميہ ٺٽو ڪيٽي بندر شھر سميت مختلف ساحلي پٽي ھي شھرن کي انساني آبادي کان خالي ڪرائي ڇڏيو اھي، سامونڊي طوفان ساحل کي ويجھو ايندي ئي سامونڊي لھرن ۾ واڌ سميت ھوائن توڙي برساتن جي شدت ۾ بہ تيزي اچي ويئي اھي،
ٻئي طرف ضلعي انتظاميہ ٺٽو طرفان سمورا انتظام پڻ مڪمل ڪيا ويا آھن، جڏھن تہ پاڪ فوج 5 ڪور جي برگيڊيئر طارق، پ پ پ ايم پي اي حاجي علي حسن زرداري، عاشق حسين زرداري ڊي سي ٺٽو غلام فاروق سومرو سان گڏ ڳاڙھو سميت مختلف ھنڌن تي قائم ڪيل متاثرين جي رليف ڪئمپن جو دورو ڪري اتي موجود مردن، عورتن ۽ ٻارڙن ۾ جوس ۽ بسڪيٽ تقسيم ڪري انھن کان سندن حال احوال پڇيا،
ان موقعي تي عبدالحميد پنھور، شاھنواز لوھار، رئيس نظير خشڪ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا، ٻئي طرف ڪالھ وانگر اڄ بہ صبح کان ئي تيز ھوائن سان گڏ تيز برسات ساحلي پٽي ڪيٽي بندر، ڳاڙھو، گھوڙاٻاري، ساڪرو سميت ٺٽو، مڪلي سان گڏ پوري ضلعي ۾ جاري اھي، ٺٽي شھر جي شاھي بازار ۾ برسات جو 2 کان 3 فوٽ پاڻي بيھڻ سميت ڪچيون آباديون بہ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچي ويون اھن،
جنھن ڪري شھري برساتي پاڻي نيڪال نہ ٿيڻ ڪري سخت پريشان آھن، برساتن سبب پوکيل فصلن کي بہ نقصان جو انديشو اھي. پر انتظاميہ برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ لاء ڪي بہ جوڳا قدم کڻي ناھي سگھي. ٻئي طرف بجلي جي اکٻوٽ بہ جاري اھي، جڏھن تہ مختلف علائقن ۾ بجلي جا پول ڪرڻ جا پڻ اطلاع آھن.
جُون 15, 2023