ٺٽو: ايجوڪيشن چلڊرن ھيلٿ آرگنائيزيشن پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ريلي
ٺٽو(رپورٽ: نظير احمد قريشي) سماجي تنطيم ايجوڪيشن چلڊرن ھيلٿ آرگنائيزيشن (ايڪو) پاران گھارو لڳ ايڪو افيس کان ڳوٺ محمد يوسف خاصخيلي تائين پاڪ فوج جي حمايت ۾ ھڪ ريلي محمد اسلم جوکيو، پير غلام حسين شاھ، ڊاڪٽر محمد امين خاصخيلي، محمد الياس پليجو نثار احمد خاصخيلي، مير عنايت حسين بروھي، سلطان احمد جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويئي،
جنھن ۾ شھرين، ڳوٺاڻن سميت ٻارڙن بہ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعرا ھڻي پاڪ فوج سان يڪجھتي جو اظھار ڪندي پاڪ فوج جي شھيدن کي سرخ سلام پيش ڪندي چيو تہ پاڪ فوج اسانجي ھيرو اھي، جيڪا سرحدن جي حفاظت ڪري اسانجي ملڪ کي ملڪ دشمنن کان محفوظ رکي ٿي،
اسانکي پنھنجي فوج تي ناز اھي، ھنن چيو تہ اسانجي تنظيم ايڪو جو مقصد ٻارڙن ۾ تعليم جو رجحان پيدا ڪري انھن کي صحت جون بھتر سھولتون ڏيارڻ اھي، جنھن لاء اسان ڪوشان آھيون، تعليم ھر فرد لاء لازمي آھي،
والدين کي گھرجي تہ پنھنجي اولاد کي بھتر تعليم مھيا ڪري انھن جي صحت جو خيال رکن. آخر ۾ پاڪ فوج جي شھيدن جي مغفرت، ملڪ جي سلامتي، امن، خوشحالي سميت سامونڊي طوفان جي امڪاني خطرن کان عوام کي محفوظ رکڻ توڙي قدرتي آفتن کان بچائڻ لاء رب پاڪ کان خصوصي دعائون گھريون ويون.
جُون 15, 2023