وڳڻ: سٽي آف ناليج اسڪول ۾ تقريب، شاگردن ۾ انعام تقسيم

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو )  وڳڻ جي سٽي آف ناليج اسڪول ۾ تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪندڙ ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ مير مھدي رضا ٽالپر،سيد عصمت علي شاھ،استاد امير علي سومرو،محمد بخش خاصخيلي،عاجز چانڊيو ، ۽ ٻين شرڪت ڪئي،

جنھن بعد اسڪول جي پرنسپل عبدالستار ٽڳڙ پاران پھرين ڪلاس کان وٺين اٺين ڪلاس جي شاگردن کي امتحانن ۾ بھتر ڪارڪردگي ڏيکاري پوزيشن کڻندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورھيا ويا، اسڪول جي شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ کائڻ پيئڻ جا مقابلو ڪرايو ويو کٽندڙ شاگرد ۽ شاگردياڻين ۾ پڻ انعام ورھايا ويا

 جڏھن ته اسڪول جي شاگردن پاران دلچسپ پينٽنگ ٺاھي اسڪول جون ديوارون سجائي ڇڏيون انھي موقعي تي ڊي ايس پي نصيرآباد ايٽ وڳڻ مير مھدي رضا ٽالپر،استاد امير علي سومرو،سيد عصمت علي شاهه، چيو ته سٽي آف ناليج وڳڻ جا شاگرد بيحد محنتي ۽ ھوشيار آھن

 اسڪول جي شاگردن مان اميد ڪيون ٿا ائين محنت ڪري ھر ھڪ شاگرد پنھنجون منزلون ماڻيندو جڏھن ته آيل مھمانن کي اسڪول جي پرنسپل عبدالستار ٽڳڙ پاران گلن جا ھار پارائي استقبال ڪيو.

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو