نوشهروفيروز: پورھيت کي کنڀڻ، تشدد ڪري غائب ڪرڻ خلاف متاثر عورتن جو احتجاج
نوشهروفيروز ( ڊ ر) ڦل پوليس پورھيت کي کنڀڻ بعد سخت تشدد ڪري غائب ڪري ڇڏيو، وارث عورتن جو احتجاج. خبر موجب ڳوٺ ڪوڙو سولنگي جي رھواسي پورھيت امداد سولنگي کي بااثر شخص جي اوطاق تان ڦل پوليس کنڀي سخت تشدد ڪرڻ بعد غائب ڪري ڇڏيو آھي.
پورھيت کي غائب ڪرڻ خلاف عورتن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي عورتن شھزادي مومل، فوزيه، صنم سولنگي ۽ ٻين چيو ته ايس ايڇ او ڦل رفيق ٻوھيو اسان جي ڀاءُ امداد سولنگي کي کنڀي غائب ڪري ڇڏيو آھي.
ھنن چيو ته ڀاء جي گرفتاري بعد ھو جڏھن ڦل ٿاڻي تي پھتيون ته سندن ڀاء اتي موجود ھو ۽ کيس ڏنڊا ٻيڙيون لڳل ھيون ۽ تمام گھڻو زخمي ھو جنھن مان لڳي ٿو ته پوليس اسان جي ڀاءُ تي سخت تشدد ڪيو آھي ۽ ھاڻي اسان جي ڀاءُ کي غائب ڪري ڇڏيو آھي
جنھن ڪري اسان کي خدشو آهي ته اسان جي ڀاءُ کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماريو ويندو. ھنن چيو ته ڀاء کي ظاھر ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.
جُون 15, 2023