نجم سيٺي ايشيا ڪپ ۽ چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني بابت اهم وڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئيجمينٽ ڪيمٽي جي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل پاڪستان جو پيش ڪيل هائبرڊ ماڊل منظور ڪري ورتو آهي.
نجم سيٺي طرفان جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايشيا ڪپ 31 هين آگسٽ کان 17 سپٽيمبر تائين کيڏيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته ميگا ايونٽ جون شروعاتي چار ميچون پاڪستان ۾ ٿينديون جڏهن ته باقي نوَ ميچون سريلنڪا ۾ کيڏيون وينديون.
هن چيو ته پاڪستان ٻه هزار اٺ کانپوءِ پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ جي ميزباني ڪندو، هائبرڊ ماڊل منظور ڪرڻ تي ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جا ٿورائتا آهيون.
جُون 15, 2023