ملير: نعمت وليج غفور بستي واسين جو مسئلن جي حل لاءِ ڌرڻو، ٽائرن کي باھيون

Spread the love

ملير (ڊر ) نعمت وليج غفور بستي واسين جو گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ  خلاف ميمڻ ڳوٺ جي مک شاھراھ تي ڌرڻو ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو سوين گاڏيون بيهجي ويون, رهواسين فخر عباس، لال محمد بلوچ، انجنيئر مشتاق خان، شعيب بلوچ يونس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گذريل ٻن مهينن کان بيٺل گٽرن جو گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

ان موقعي تي مڇريل ڳوٺاڻن ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مک شاھراھ بند ٿيڻ سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون احتجاجي مظاهرين جو چوڻ آهي ته ناقص انتظامن غلط رٿابندي سبب سبب گٽرن جو گندو پاڻي ندي ۾ ڇوڙ ٿيڻ بدران گهرن گهٽين ۾ ڪاهي پيو آهي جنهن سبب بيماريون وڌڻ سان گڏ گهرن کان ٻاهر نڪرڻ مشڪل بڻجي ويو آهي ٻار بار چوڻ باوجود انتظاميا ڪو به تحرڪ وٺڻ لاءِ تيار نه آهي مجبور ٿي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو آهي گٽرن جي گندي پاڻيءَ سبب جيئن جنجال ٿي ويو آهي صفائي ڪرائي خراب ٿيل لائينون بدلي ڪيون وڃن هوڏانهن

احتجاجي ڌرڻي جي موقعي تي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو جي نمائندن خالد جمع جوکيو ڪونسلر ڪريم بخش بروهي شفيع بروهي پبلڪ هيلٿ جي انجنئيرن علي رضا منگي، ذڪريا سولنگي ۽ ٻين پهچي احتجاجي مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون ۽ کين ٽن ڏينهن اندر رليف ڏيڻ جو يقين ڏياريو جنهن کان پوءِ احتجاجي مظاهرين بند ڪيل روڊ کولي احتجاجي ڌرڻو ٽن ڏينهن تائين معطل ڪري آچر ڏهاڙي تائين مسئلا حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻيهر روڊ بلاڪ ڪرڻ جو اعلان ڪيو،

ان موقعي تي انجنيئر علي رضا منگي جو چوڻ هو ته مين لائين جو ڪم ھلندڙ آهي مقامي زميندارن پاران باغن لاءِ پاڻي کڻڻ سبب مسئلا پيدا ٿين ٿا هن چيو ته ڄاڻايل زميندار با اثر هجن سبب اسان ڪا به ڪارروائي عمل ۾ نٿا اني سگهون

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو