لاڙڪاڻي ۾ 16کان 18 ڪلاڪ ھٿراڌو لوڊشيڊنگ، شھري پريشان

Spread the love

لاڙڪاڻو ( بيورو چيف: عبدالوحيد  ابڙو) لاڙڪاڻو شھر ۾ سيپڪو انتظاميه جون زيادتيون وڌي ويون 16کان 18 ڪلاڪ ھٿرادو لوڊشيڊنگ سخت گرمي ۾ ٻار ،بزرگ مسلسل بجلي نه ھجڻ سبب سخت گرمي ۾ بيمار بجلي جي اڻ اعلانيل ھٿرادو لوڊ شيڊنگ ڪري پئيڻ جي پاڻي کوٽ ڪاروبار مڪمل  تباھ واپڊا سيپڪو لاڙڪاڻو  پاران بجلي صارفين سان زيادتين خلاف خاڪسار تحريڪ  جو ھنگامي اجلاس جي زيرصدرت  ناظم اعليٰ سنڌ خاڪسار انور علي ابڙو ۽ ٻين جي  چيو ته سخت گرمي باوجود واپڊ سيپڪو پاران ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شھرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي

 جڏهن تي لاڙڪاڻو  مختلف فيڊر  پي ٽي ايس فيڊر ،سچل  فيڊر سميت سڀني فيڊرن تي بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي صرف وي اي پي فيڊر تي لائيٽ ھلي ٿي باقي فيڊر لاوارث آھن ان موقعي تي خاڪسار تحريڪ سنڌ جي ناظم اعليٰ خاڪسار انور علي ابڙو نائب مدارنظام سنڌ بلوچستان خاڪسار عبدالوحيد  ابڙو سالار ضعلي لاڙڪاڻو  خاڪسار اسد الله کھاوڙ  سالار شھر لاڙڪاڻو  نور حسين بوزدار  ۽ ٻين چيو ته  لاڙڪاڻو اسان جو شھر اسان ھاء ڪورٽ سنڌ ۽ سيشن جج لاڙڪاڻو ڪمشنر لاڙڪاڻو ،

ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو  اي سي واپڊا سيپڪو لاڙڪاڻو انجنيئر سيپڪو لاڙڪاڻو کي لکت ۾ ھٿرادو لوڊشيڊنگ جي شڪايت ڪئي ويندي ۽ واپڊا سيپڪو لاڙڪاڻو کي 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽ ڏيون ٿا ته واپڊا صارفين کي پوري بجلي فراھم ڪئي وڃي ۽ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪري لوڊشيڊنگ جو دورانيو گھٽايو وڃي لاڙڪاڻو ۾ صرف وي آي پي فيڊر تي انسان رھن ٿا باقي ٻين فيڊرن تي جانور رھن ٿا جو اتي مسلسل 10 -10 ڪلاڪ لڳاتار لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي 48 ڪلاڪن تائين بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم نه ڪئي وئي ته احتجاج سان گڏ شھر ۾ شٽربند ھڙتال جو سڏ ڏينداسين

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو