لاڙڪاڻو: عمراڻي ڪالوني ۾ خاڪسار تحريڪ پاران ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي
لاڙڪاڻو (بيورو چيف: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻو جي عمراڻي ڪالوني ۾ لاڙڪاڻو خاڪسار تحريڪ جي اڳواڻن پاران ڪارنر گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ عمراڻي ڪالوني جي رهواسين خاڪسار نبي شير بروھي مختيار احمد بروھي محب علي شيخ نياب عمراڻي خاڪسار تحريڪ پاڪستان جي امير خاڪسار تحريڪ اجنئير نثار خان ۽ ناظم اعلي سنڌ خاڪسار انور علي ابڙو ۽ نائب مدارنظام سنڌ بلوچستان عبدالوحيد ابڙو جن جي قيادت تي اعتماد ڪندي خاڪسار تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو
۽ چيو ته اسان خاڪسار تحريڪ جي ناظم اعليٰ سنڌ خاڪسار انور علي ابڙو جن جي قيادت ۽ سندن ٽيم تي اعتماد جو اظھار ڪندي شموليت جو اعلان ڪيون ٿا.
جڏهن ته عمراڻي ڪالوني واسين آيل مهمانن تي گل جي ورکا ڪري بهترين داد ڏنو. ان موقعي تي ناظم اعلي سنڌ خاڪسار انور علي ابڙو نائب مدارنظام سنڌ بلوچستان عبدالوحيد ابڙو سالار ضعلي خاڪسار اسد الله کھاوڙ سالار شھر خاڪسار نور حسين بوزدار خاڪسار عرفان بليدي سر سالار خاڪسار رجب علي بليدي خاڪسار غلام علي ڪلوڙ خاڪسار رشيد جمالي ۽ ٻيا شرڪت ڪئي دوستن کي لاڙڪاڻو خاڪسار تحريڪ پاڪستان ۾ شموليت ڪرڻ تي سڀنن خاڪسارن جا ٿورا مڃيا.
جُون 15, 2023