قائد آباد ۾مھرين ڊينٽل ڪلينڪ تان ڦر، مزاحمت تي جوابدار زخمي

Spread the love

ملير(ڊر)ملير ۾ بدامني جي وارداتن تي ظابطو نه اچي سگھيو قائد آباد ۾ مھرين ڊينٽل ڪلينڪ تي نامعلوم ھٿيار بندن جي چڙھائي قيمتي موبائل فون روڪ رقم ڦر ڊاڪٽر پاران مزاحمتي فائرنگ ۾ ڦورو زخمي موٽر سائيڪل ڇڏي فرار پوليس ڪيس داخل ڪرائڻ باوجود جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام سياسي سماجي اڳواڻن پاران مذمت جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

تفصيل موجب ملير جي علائقي قائد آباد ۾  مھرين ڊينٽل ڪلينڪ تي نامعلوم ھٿياربندن پاران ھٿيارن جي زور تي چڙھائي ڪري اتي موجود ڊاڪٽر مھرين ۽ ڊاڪٽر جاويد جوکيو سميت عملي ۽ اسپتال ۾ موجود مريضن کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي 3 قيمتي موبائل فون 70ھزار روپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا ھئا ته ڊاڪٽر پاران مزاحمت ڪندي ڦورن تي فائر ڪيو جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ جوابدار زخمي ٿي پيو

 جنھن کي سندس ساٿي زخمي حالت ۾ پاڻ سان گڏ کڻي ھڪ موٽر سائيڪل ڇڏي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا انھي سلسلي ۾ ڊاڪٽر جاويد جوکيو ۽ ڊاڪٽر مھرين جاويد صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته قائد آباد ۾ اسان پنھجي ڪلينڪ تي مريضن جو چيڪ اپ ڪري رھيا ھئاسين ته ڪجھ نامعلوم ھٿيار بند ڪلينڪ ۾ گھڙي آيا ۽ ھٿيارن جي زور تي اسان کي يرغمال بڻائي 3 قيمتي موبائل فون 70 ھزار روڪ رقم ۽ اسٽاف سميت اتي موجود مريضن کان ڦر ڪري فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي

 جنھن تي اسان ساڻن مزاحمت ڪندي مٿن فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ھڪ جوابدار زخمي ٿي پيو جنھن کي سندس ساٿي پاڻ سان گڏ کڻي ھڪ موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا ھنن چيو ته  شاھ لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويئي آھي واقعي جي اطلاع تي ملير جي سياسي سماجي اڳوڻن پاران ملير ۾ وڌندڙ بدامني جي وارداتن جي  سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي پ پ شھيد ڀٽو ملير جي اڳواڻ ڪامريڊ سليم راجپوت حبيب گل حمائتي بخشل گوريلو آزاد گوپانگ سميت ٻين چيو ته ملير ۾ ڏينھون ڏينھن بدامني چوٽ چڙھندي وڃي ڦور شھرين لاء عذاب بڻجي ويا آھن

  جنھن سبب شھري پنھنجي گھرن ۽ دڪانن تي به معفوظ ناھن ھنن ايس ايس پي ملير سميت وس وارن کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آھي ته اسپتال مان ڪيل ڦر جا جوابدار فوري طور تي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي ـ

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو