طوفاني برسات: ٺٽي ۾پيپلزپارٽي اڳواڻن پاران ساحلي علائقن جو دورو،
ٺٽو (رپورٽ: نظير احمد قريشي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ، اڳوڻي ضلعي ناظم سيد شفقت حسين شاھ شيرازي، پ پ پ ايم پي اي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيد اميرحيدر شاھ شيرازي، سيد امتياز شاھ شيرازي، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي، سيد فياض حسين شاھ شيرازي،
حاجي محمد حنيف ميمڻ پاران عربي سمنڊ ۾ ايل سامونڊي طوفان جي امڪاني نقصان کان ساحل واسين کي بچائڻ لاء ڪيٽي بندر، سڄڻ واري ۽ بين ساحلي علائقن جو طوفاني دورو ڪري عوام کي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪري رليف ڪئمپن ۾ موجود متاثرين سان پڻ ملاقاتون ڪري کين ھر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي ڇڏي آھي،
ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي سيد شفقت حسين شاھ شيرازي ۽ سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ ھن وقت تائين 95 سيڪڙو ساحل واسي محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي چڪا اھن، باقي رھيل ماڻھون بہ باحفاظت محفوظ ھنڌن ڏانھن منتقل ٿي ويندا، جن لاء ريسڪيو وارو عمل جاري اھي، ھنن چيو تہ اسان بہ متاثرين کي ٽرانسپورٽ مھيا ڪئي اھي،
جنھن ذريعي ھو پنھنجي گھرن کان رليف ڪئمپن ۾ منتقل ٿيا آھن، سيد شفقت حسين شاھ شيرازي چيو تہ الله پاڪ خير ڪندو، ان کان ئي دعا گھري سگھون ٿا، اسان جي ھٿ ۾ ڪوششون ڪرڻ اھي، جيڪي اسان ڪريون پيا، ھن چيو تہ سامونڊي طوفان سبب خطري جو امڪان برقرار اھي، عوام کي گھرجي تہ ان کان بچاء لاء ذاتي طور بہ ڪوششون وٺي پاڻ کي محفوظ بنائي پاڻ کي امڪاني نقصان کان بچائين.
جُون 15, 2023