سکر : گڻگ واھ واسي شر برادري پاران پريس ڪلب آڏو پوليس خلاف احتجاج
سکر ( رپورٽ: امداد علي گل ڪلوڙ ) سکر جي بس ٽرمينل لڳ ڳوٺ گڻگ واھ جي رهواسي شر برادري جي مردن ۽ عورتن ٻارن سميت سکر پريس ڪلب آڏو پوليس جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سکر پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي شھباز ڏنوشر ، اشرف، شڪيل احمد، مسمات رخسانه، مسمات ڀاڳل شر ۽ ٻين ٻڌايو ته 5 ڏينهن اڳ ٿاڻي آباد جي پوليس اسان جي نوجوان ارشد شر کي مال چاريندي گڻگ واھ وٽان بغير ڪنهن وارنٽ جي ڪار ۾ کڻي وڃڻ بعد ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو آھي
۽ سندس گرفتاري کان مڪمل لاعلم بڻي آھي جيڪو سراسر ظلم آهي، ارشد شر کي بيگناهه گرفتار ٿئي پنج ڏينهن گذري ويا آهن، هر هنڌ تلاشي وٺڻ باوجود پوليس سندس باري ۾ ڪجهه به ٻڌائڻ کان لنوائي پئي،اسان کي خدشو آھي
ته پوليس مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪري هاف يا فل فراء نه ڪري مظاهرين سيڪورٽي ادارن جي چيف سميت آء جي سنڌ ۔ڊي آء جي سکر ۽ ٻين اختيارن کي اپيل ڪئي آھي ته نوجوان ارشدشر کي پوليس وٽان آزاد ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔
جُون 15, 2023