سکر: دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ وڊيو لنڪ ذريعي ڪيسن جي ٻڌڻي ٿي گذري
سکر (بيورو رپورٽ )سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نمبر ون ۾ سڪيورٽي جي حوالي سان وڊيو لنڪ ذريعي ڪيسن جي ٻڌڻي جي شروعات ڪئي وئي ، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عمر سيال وڊيو لنڪ ذريعي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ون جي جج عبدالرحمان قاضي پهريون ڀيرو وڊيو لنڪ ذريعي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،جڏهن ته سينٽرل جيل مان قيدين جي حاضري وڊيو لنڪ ذريعي ٿيندي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس احمد علي شيخ جي خاص هدايتن تي سڪيورٽي معاملن کي نظر ۾ رکندي اهم ٽرائل وڊيو لنڪ ذريعي ڪيو ويندو جڏهن ته اڳوڻي ايس ايڇ او نيو پنڊ نويد نواز شيخ شهيد اي ايس آءِ گل حسن ٽڳڙ جي ڪيس ۾ عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.
جُون 15, 2023