سکر: جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاھرو
سکر( رپورٽ : امداد علي گل ڪلوڙ ) جيئي سنڌ تحريڪ سکر ضلعي جي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين سورھ سنڌي جي بازيابي لاءِ سکر پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري مظاهرو ۽ ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي صدر عبدالقيوم ابڙو، صدر الدين، اعجاز علي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي چيئرمين سورھ سنڌي کي ڄامشورو مان گرفتار ڪري ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. سنڌ جا سمورا ڪارڪن پرامن جدوجهد ۾ يقين رکن ٿا، رياستي جبر ۽ سختيون اسان کي پُرامن احتجاج ۽ منزل تان نه ٿيون روڪي سگهن جيڪڏهن سورھ سنڌي جلد آزاد نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔
جُون 15, 2023