سکر: ارسلان شيخ ٻيهر سکر جو بنا مقابلي ميئر چونڊجي ويو
سکر (رپورٽ : امداد علي گل ڪلوڙ )سکر ضلعي ۾ پيپلز پارٽي ميدان ماري ورتو ميئر، ڊپٽي ميئر، چيئرمين ضلعي ڪائونسل وائيس چيئرمين، ٽائون ڪميٽين ۽ ميونسپل ڪميٽين جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن جي سيٽن تي پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا اڳوڻو ميئر ارسلان شيخ هڪ ڀيرو ٻيهر سکر جو بنا مقابلي ميئر چونڊجي ويوپ پ اڳواڻ ڊاڪٽر ارشد مغل بنا مقابلي ڊپٽي ميءر
سنڌ جي مڪاني کاتي جي وزير سيد ناصر حسين شاهه جو پٽ سيد ڪميل حيدر شاهه بنا مقابلي ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين پ پ جي مرحوم ڊويزنل صدر انور خان مهر جو پٽ اختر مهر بنا مقابلي ضلعي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين چونڊجي ويا روهڙي ميونسپل ڪميٽي جو اڳوڻو چيئرمين سيد مير يعقوب علي شاهه بنا مقابلي چيئرمين ۽ اسلم ميمڻ وائيس چيئرمين ميان عبدالقوي انڍڙ ميونسپل ڪاميٽي پنوعاقل جو بنا مقابلي چيئرمين ۽ بابر علي بوزدار وائيس چيئرمين جڏھن ت صالح پٽ ٽائون ڪاميٽي لاءِ سيد قلندر بخش شاهه چيئرمين ۽ پنڪو لعل بجاج وائيس چيئرمين چونڊجي ويا باگڙجي ٽائون ڪاميٽي لاءِ غلام اڪبر چيئرمين ۽ غلام علي ڪلهوڙو وائيس چيئرمين چونڊجي ويا ۽ ڪنڌرا ٽائون ڪاميٽي لاءِ ارشاد علي چيئرمين ۽ ڪنيو لال وائيس چيئرمين ،
ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن جيئي شاهه آغا افتخار چيئرمين ۽ قوت علي شاهه وائيس چيئرمين ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مڪي شاهه لاءِ دين محمد چيئرمين ۽ غلام مرتضيٰ وائيس چيئرمين چونڊجي ، ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن نثار صديقي طارق چوهاڻ چيئرمين ۽ ذوالفقار علي وائيس چيئرمين چونڊجي ويا سڀني چونڊيل بنا مقابلي جا ماڻھو پ پ جا آھن سکر ۾ پيپلز پارٽي ميدان ماري وءي آھي
جُون 15, 2023