سيوهڻ: صوڀو ديروواسي عورت جو مڙس، بااثر ماڻھن خلاف احتجاج

Spread the love

سيوهڻ شريف (رپورٽ : محمد صفر سيوهاڻي ) سيوهڻ ۾ صوڀو ديروجي  رهواسڻ مسمات زيب النساء سيال پاران سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ پهچي پنهنجي مڙس ۽ بااثر ماڻھون جي ذيادتين خلاف احتجاج ڪري پريس ڪانفرنس ڪئي. تفصيل موجب سيوهڻ ۾ تعلقو صوڀو ديرو،

 ضلعو خيرپور جي رهواسڻ مسمات زيب النساء سيال سنڌ پريس ڪلب سيوهڻ پهچي مڙس تنوير سيال ۽ بااثر ماڻھون جي ذيادتين خلاف احتجاج ڪري سنڌ پريس ڪلب سيوھڻ پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجو مڙس نالي نتوير سيال جي مان گهر واري آهيان، جيڪو مونکي روزآنہ جي بنياد تي  مون مٿان تشدد ڪندو هو، جڏهن ته هو غير ماڻھون گهر وٺي ايندو هو، غير ماڻھن جي منھنجي گھر اچڻ تي مون ان کي روڪ ڪئي

 ان تي منھنجي مڙس کي ڪاوڙ آئي ان جي ڪري  مون مٿان  تشدد ڪيو، ۽ روزانه مون تي تشدد  ڪندو آهي مونکي 5 دفعا زباني  طلاق ڏئي چڪو آهي،  ان جي غلط فعلن جي ڪري مان گهران نڪتي آهيان وري به مونکي منهنجو مڙس ۽ جنهن بااثرن جا نالا ورتا آهن، انھن بااثر ماڻھن  مان مونکي جان جو خطرو آهي ، منهنجي آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، کي اپيل آهي ته نوٽيس وٺي انصاف ڏنو وڃي.

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو