سانگھڙ: آءِ جي پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ ھڪ ڏينھن جي دوري تي سانگھڙ پهتو
سانگهڙ (رپورٽ: شاهنواز رونجهو) انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ هڪ ڏينهن جي دوري لاءِ سانگھڙ پهتو، پوليس ٽريننگ ڪاليج شهدادپور ۾ 174هين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ مهمان خاص طور شرڪت ڪئي، سنڌ پوليس ۾ ميرٽ تي ڀرتي ٿيل 487 پوليس ريڪروٽ آرمي مان ٽريننگ حاصل ڪرڻ بعد ٻه مهينن جي ٽريننگ پوليس ٽريننگ ڪاليج شهدادپور مان حاصل ڪئي،
جنهن جي پاس آئوٽ پريڊ ٿيندڙ سمورن ريڪروٽن مارچ پاسٽ ڪيو ۽ آءِ جي پوليس سنڌ کي سلامي ڏني. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي پوليس سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ايندڙ سامونڊي طوفان جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ پوليس فورس مقرر ڪئي وئي آهي، 12 سال کان عوام فون ذريعي اغوا ٿيندي رهي آهي
پر هاڻي هن ۾ وڏي حد تائين گهٽتائي اچي چڪي آهي، ڪچي ۾ مقرر اهلڪارن کي هر مهيني 10 هزار رپيا وڌيڪ پگهار ملندي ۽ پوليس جي جديد تربيت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ سان گڏ ڊي آئي جي ٽريننگ سنڌ پوليس عبدالحميد، پرنسپال پوليس ٽريننگ ڪاليج شهدادپور ايس ايس پي شيراز نذير، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد محمد يونس چانڊيو ۽ ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ پڻ موجود هئا،
جُون 15, 2023