دادو: پ پ اميدوار سيد محمد شاھ ضلعي ڪائونسل چيئرمين چونڊجي ويو

Spread the love

دادو (رپورٽ :سرور جلال سولنگي ) مڪاني اليڪشن بعد ضلع ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي اليڪشن ضلعي ڪائونسل حال ۾ ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسر ارشاد احمد قمالاڻي جي نگراني ۾ ڪئي وئي، پيپلزپارٽي ۽ پي ٽي آئي اميدوارن ۾ مقابلو ٿيو، پ پ پ چیئرمین اميدوار سيد محمد شاھ وائيس چيئرمين شير محمد چانڊيو 82 ووٽ حاصل ڪري ڪامياب،

 پي ٽي آئي چيئرمين اميدوار ڊاڪٽر برڪت علي جتوئي ۽ وائيس چيئرمين عبدالرزاق ٻرڙو 11 ووٽ حاصل ڪيا. جڏھن ته پ پ پ جا 5 ميمبر غير حاضر ۽ پي ٽي آئي جو هڪ ميمبر غير حاضر رهيو. ضلع ڪائونسل چيئرمين تي پ پ پ جو سيد محمد شاهه ۽ وائيس چيئرمين شير محمد چانڊيو جي ڪاميابي تي پ پ پ جيالن جي جيئي ڀٽو جانعره بلند ڪيا،

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو