دادو: جيئي سنڌ تحريڪ پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو

Spread the love

دادو(رپورٽ : سرور جلال سولنگي) دادو ۾ جيئي سنڌ تحريڪ شفيع ڪرناڻي گروپ پاران دادو پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ پارٽي جهنڊا کڻي ڪچهري روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو،ان موقعي تي ڪارڪن پنهل ساگر سيال،آصف پنهور،اسد سيال ۽ ٻين چيو ته ڪالھ ڄامشورو ۾ جيئي سنڌ تحريڪ چئرمين سورهيه سنڌي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي،

هنن چيو ته سنڌ جي حقن جي ڳالھ ڪرڻ ڏوھ بڻجي ويو آهي،سورهيه سنڌي سنڌ جو پٽ آهي جنهن کي زبردستي کنڀي گم ڪرڻ تي اسان چپ نه  ويهنداسين ،سنڌ ۾ ڌارين جي آبادي تي احتجاج ڪرڻ تي سورهيه سنڌي کي گم ڪيو ويو آهي،هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور جيئي سنڌ تحريڪ جي چئرمين سورهيه سنڌي کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پوري سنڌ اندر پرامن احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي،

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو