اڄ کان پوءِ  منھنجو اولاد، پٽن يا ڀائرن سان تعلق نھ ھوندو: بگن خاصخيلي

Spread the love

وڳڻ (رپورٽ: عاجز چانڊيو )  وڳڻ ۾ پ پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ پاران ملڪيت جي ورھاست بعد پريس ڪانفرنس تفصيل موجب وڳڻ لڳ ڳوٺ جعفراڻي جي رھواسي پ پ پ شھيد  ڀٽو اڳواڻ بگن خاصخيلي پاران ڀائرن ۽ پٽن ۾ ملڪيت ورھائڻ بعد سٽي پريس ڪلب پھچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته والد جي ڇڏيل مورڳي ملڪيت پنھنجي ڀائرن خان محمد خاصخيلي،

مرحوم ارباب علي خاصخيلي، ۽ پٽ انيس خاصخيلي،۾  ورھائي ڏني آ جنھن ۾ اڄ کان پوءِ منھنجو ڪو تعلق دخل نه رھندو منھنجي حصي ۾ آيل گھر صرف منھنجو آ اڄ کان پوءِ منھنجي اولاد پٽن يا ڀائرن سان ڪو به ڏيتي ليتيءَ ڪندو اھو ھن جو پاڻ ذميوار ھوندو ھي بيان منھنجو رڪارڊ تي رکيو ونڃي جئين وقت سر ڪم اچي سگھي،

جُون 15, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو