6 مهينا 13 ڏينهن پنڌ ڪري نوجوان حج لاءِ مَڪي پهچي ويو
اوڪاڙا سان واسطو رکندڙ نوجوان 5 هزار 400 ڪلوميٽر پنڌ سفر ڪري حج لا مڪي پهچي ويو.
عثمان ارشد نالي پاڪستاني نوجوان سعودي عرب جو پنڌ سفر 6 مهينن ۽ 13 ڏينهن ۾ ڪيو. هن ايران، گڏيل عرب امارتن ۽ بحرين رستي سفر ڪيو.
پاڪستان حج مشن جي ڪوششن سان عثمان ارشد کي حج جي ويزا ملي وئي. پاڪستان حج مشن جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالوهاب سومري چيو ته عثمان ارشد نوجوان لاٰءِ انوکو مثال آهي.
عبدالوهاب سومري چيو ته سعودي حڪومت عثمان جي حج ويزا جاري ڪرڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪيو، نوجوان کي حج پانڌيئڙن جي سرڪاري رهائش ۾ رهايو ويو آهي، حج مشن پانڌيئڙن کي هر قسم جون سهولتون فراهم ڪري رهيو آهي.
