ڪپل شرما شو جي اداڪار پاران فيسبڪ تي لائيو اچي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي مشهور مزاحيا پروگرام “دي ڪپ شرما شو” جي اداڪار تيرٿ آنند رائو فيسبڪ تي لائيو اچي آپگهات جي ڪوشش ڪئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موبج دي ڪپل شرما شو ۾ سينيئر اداڪار نانا پاٽيڪر جي جونيئر جي طور تي اداڪاري ڪندڙ تيرٿ آنند رائو ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيسبڪ تي لائيو سيشن دوران پنهنجي زندگي جو خاتمو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
تيرٿ آنند رائو جو پنهنجي دوست سان بحث ٿيو جنهن ۾ بليڪ ميلنگ ۽ ڀتا خوري جو الزام لڳايو ويو هو، بحث کان پوءِ اداڪار زهر پي ڇڏيو.
رپورٽ موجب تيرٿ آنند رائو کي طبي امداد کانپوءِ گھر منتقل ڪيو ويو آهي.
اداڪار ٻڌايو ته آئون پنهنجي دوست سان گڏ ميرا روڊ ۾ رهندو آهيان، مون کي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو پر هاڻ آئون گھر آهيان ۽ بلڪل ٺيڪ آهيان.
