چوٽياريون: ڄام غلام قادر انڙ جي اڳواڻي ھيٺ وفدجي ايس ايس پي سانگهڙ سان ملاقات

Spread the love

چوٽياريون (رپورٽ: علي گل منڱريو) انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن جي صوبائي صدر ڄام غلام قادر انڙ جي اڳواڻي ۾ صوبائي انفارميشن سيڪريٽري  علي اڪبر جوڻيجو ڊويزنل سينئر نائب صدر محبوب چانڊيو ضلعي ڪمپلين سيل انچارج ميان گل ڪيريو يوسي گجري جي صدر عنايت الله خان تي مشتمل وفد ايس ايس پي سانگهڙ عابد علي بلوچ سان ملاقات ڪئي

  ملاقات دوران ضلعي سانگهڙ ۾ امن امان جي صورتحال سماجي برائين خاص ڪري چورين ۽ منشيات جي مسئلي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ملاقات دوران ايس ايس پي سانگهڙ کي انٽرنيشنل هيومين رائيٽس آرگنائيزيشن طرفان سانگهڙ ۾ منعقد ٿيندڙ هفت روزه ثقافتي ميلي ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني وئي

ملاقات دوران ايس ايس پي سانگهڙ جو چوڻ ھو ته مون ضلعي سانگهڙ جي چارج وٺڻ کان وٺي اڄ تائين سماجي برائين جي خاتمي لاء ڀرپور ڪوششون ورتيون آھن ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي سختي سان هدايت جاري ڪئي آھي ته سماجي برائين جي شڪايت نه اچڻ گهرجي ۽ ضلعي اندر سخت پئٽرولنگ سبب امن امان جي صورتحال ۾ به بهتري آئي آهي

هن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته پوليس کي هيومين رائيٽس سميت تمام سماجي تنظيمن توڙي صحافي برادري جي تعاون جي ضرورت آهي ۽ اوهان سڀني  جي تعاون سان انشاالله تمام ڏوهن تي ڪنٽرول آڻينداسين انهيء موقعي تي هيومين رائيٽس اڳواڻن پاران ضلعي اندر امن امان جي صورتحال تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

جُون 14, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو