موجودھ دور جا اديب پنھنجو ڪردار ادا پيا ڪن: امير احمد تنيو
سکر(بيورورپورٽ) سنڌي ادب جي واڌ ويج لاء موجودا دور جا اديب پنھنجو ڪردار ادا ڪن پياـ شاعري ۾ رڌم ۽ فني ضرورتون لازمي ھجڻ کپن ـ
اھڙو اظھار امير احمد تنئي سنڌي سنگت شاخ سکر جي ھفتيوار دستوري گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪيو ـ ھن چيو ته سنڌي شاعريء ۾ سماج جي برائين کي نروار ڪرڻ ۽ مظلوم ماڻھن جي دردن جو بيان ڏنو وڃي ٿو ـ جيڪو وقت جي تقاضن موجب آھي ـ گڏجاڻيء ۾ مجيد نواز مغل نثري نظم ۽ پروفيسر منظور بيدار ڪھاڻي ماء باپ تنقيد لاء پيش ڪئي ـ
جنھن تي انھن کان سواء دودو ڀٽي سچل ڀٽي سردار پيرزادي ڄام سعيد دلبر ڀٽو شاھنواز ابڙي ۽ عبدالرحمان گڏاڻيء تنقيدي رايا ڏنا ـ گڏجاڻي جي آخر ۾ ٺھراء پاس ڪري سنڌين جي ڪوٽا تي ڌارين کي نوڪريون ڏيڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي .
جُون 14, 2023