ڪنڌڪوٽ: ٽرڪ ڪلٽي ٿيڻ سبب 6 ڄڻا فوت، 7 زخمي
ڪنڌڪوٽ ( رپورٽ: طلعت نظير دايو) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ساقي موڙ وٽ بُھَ سان ڀريل ٽرڪ ڪلٽي رستي ويندڙ چنگچي ريڙهو هيٺ اچي ويو 6 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن
7ڄڻا سخت زخمي ٿيا پيا آهن پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهتل دٻيل ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي فوت ٿيلن ۾ 45 سالا عبداللّٰه۔11سالا عرفان نندواڻي۔55سالا محمد يوسف نندواڻي۔12مسمات رشيدان نندواڻي۔16سالا مسمات بشيران خاتون نندواڻي شامل آهن
ٻڌايو پيو وڃي ته اڃا به چار ڄڻا بھ ۾ ڦاٿل آهن شهرين جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ پوليس اهلڪار هر لوڊ ٿيل گاڏين کان پئسا وٺي ڇڏي ڏيندا آهن هنن وزيراعلي مراد علي شاه کان ۽ آ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آهي ته فورن نوٽيس وٺي فوت ٿي ويل جي وارثن کي انصاف ڏنو وڃي
ساقي موڙ جي روڊ جو حالت به انتهائي خراب آهي هر آئي ڏينهن حادثا پيش ايندا آهن انهن ايهو به چيو روڊ جو ڪم ڪرايو وڃي جئين ماڻهون حادثن کان بچي سگهن.
جُون 13, 2023