نوشهروفيروز : موسا سيلاچي واسي جو پريس ڪلب اڳيان احتجاج

Spread the love

نوشهروفيروز (ڊ ر) ڳوٺ موسا سيلاچي جي رهواسي ڳوٺاڻي دلمراد سيلاچي پريس ڪلب نوشهروفيروز اڳيان احتجاج ڪندي صحافين آڏو دانهيندي چيو آهي ته مان پنهنجي فيملي سميت ڳوٺ کوڙو شريف مائٽن وٽ آيل هيس جتان ٻارڙن کي علاج لاء شهر وٺي وڃي رهيو

 هيس ته هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو ۽ منهنجي ڌيءُ رخسانه کي اغوا ڪري ويا ويا هن چيو ته منهنجي ڌيءُ سان غلام سرور مستوئيء جو ڪوڙو نڪاح نامون ڏيکاريو ويو آهي ۽ ان جي جاء تي ٻي ڇوڪري کي ظاهر ڪيو ويو آهي جيڪا غلام حسين مستوئي جي ڌيء آهي

 هن چيو ته منهنجي ڌيءُ رخسانه کي تشدد ڪيو ويو آهي زبردستي شاديء جي لاء جنهن جي جان کي خطرو آهي هن آء جي سنڌ , ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ دادو کان ڌيءُ رخسانه سيلاچي کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو مطالبو ڪندي جوابدارن علي حسن , گلحسن مستوئي , غلام حسين مستوئي ۽ ياسين لغاري شيرل مستوئي  کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو