ماهنور بلوچ جو مڙس هجڻ جي دعويٰ ڪندڙ ڪير نڪتو؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني مشهور ۽ سينيئر اڳوڻي اداڪارا ماهنور بلوچ ڊگهي وقت کانپوءِ هڪ شو ۾ شرڪت ڪندي انڪشاف ڪيو آهي ته سندس مڙس جي دعويٰ ڪندڙ ڪير هو.
کانئس پڇيو ويو ته هڪ ڀيري هڪ شخص سندس مڙس هجڻ جي دعويٰ ڪئي هئي اهو ڪير هو.
اداڪارا جواب ڏنو ته اهو هڪ شخص هو جنهن جو چوڻ هو ته اهو منهنجو مڙس آهي، اهو خطرناڪ بڻجي ويو هو ۽ گهر اچڻ لڳو هو.
اصل ۾ اهو شخص شيزو فرينيا بيماري ۾ مبتلا هو ۽ پنهنجي ذهن ۾ اهو سمجهي رهيو هو ته اسان جو لڪي نڪاح ٿيل آهي.
ماهنور بلوچ وڌيڪ چيو ته ان شخص جي گهر وارن کي جڏهن خبر پئي ته هنن پوليس کي گهرائي ورتو هو ۽ پوءِ خبر پئي ته اهو ذهني مريض آهي.
