گهوٽڪي: ميرپورماٿيلو  واسين جو  سيپڪو خلاف احتجاجي مظاھرو

Spread the love

گهوٽڪي  (ڊسٽرڪٽ رپورٽ: محمد امين سومرو ) ميرپورماٿيلو شهر جا رھواسي هندو شهري ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو پهچي سيپڪو خلاف احتجاج، سيپڪو ميرپورماٿيلو وارن 5 هزار منٿلي گهري منٿلي نه ڏيڻ تي ٻيڻا ۽ ٽيڻا بل موڪلين ٿا

 جيڪا اسان سان زيادتي آهي، اڳواڻ  تفصيل موجب ميرپورماٿيلو شهر جو رھواسي هندو شهري ڪيول داس ۽ هنومان ڊي ايڇ ڪيو پريس ڪلب ميرپورماٿيلو پهچي سيپڪو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سيپڪو ميرپورماٿيلو وارن 5 هزار منٿلي گهري منٿلي نه ڏيڻ تي ٻيڻا ۽ ٽيڻا بل موڪلين ٿا

جيڪا اسان سان زيادتي آهي هنن وڌيڪ چيو ته ايس ڊي او ۽ ايڪسيئن آفيس ۾ شڪايت ڪرڻ تي سيپڪو جو ملازم فهيم پتافي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هنن وس وارن کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي.

جُون 13, 2023

اي پيپر

اسان جو فيس بوڪ صفحو