ڪراچي: سهراب ڳوٺ ٽائون شھرين لاءِ عذاب بڻجي ويو
ڪراچي (اسپيشل رپورٽ: ثناء اللہ هڪڙو) ڪراچي سهراب ڳوٺ ٽائون جا سوين مسئلا! حددخيلن ۽ ٽريفڪ جام جو مسئلو شھرين لاءِ عذاب بڻجي ويو،سهراب ڳوٺ ٽائون جي مختلف علائقن ايوب ڳوٺ ،لاسي ڳوٺ ،نورخان برفت ڳوٺ، صيفل ڳوٺ، ان جي علاوه ٻين علائقن ۾ چنگچن ۽ ريڙھي وارن جو آزار وڌي ويو آھي،
ٽريفڪ ۽ حددخلين سبب سهراب ڳوٺ ٽائون جي شھرين ۽ مسافرن جو پنڌ هلڻ بہ مشڪل بڻجي ويو آھي،چنگچي اسٽاپ مستقل شھر کان ٻاهر نہ ھئڻ ۽ وڌندڙ حددخلين ڪري هر وقت ٽريفڪ جام رهي ٿي،چنگچي ڊرائيور وچ روڊ تي چنگچون بيهاريو ڇڏين ٿا،
سبزي مارڪيٽ جي ايراضي نہ ھئڻ ڪري وچ روڊن تي ريڙھي وارن پڻ پنهنجا قبضا ڄمائي ورتا آھن، جڏهن تہ وڏين گاڏين جي شھر اندر داخل ٿيڻ سبب درجنين گاڏين جون قطارون لڳي وڃن ٿيون، تنهن ڪري ڪارو بار جو سمورو نظام رڪجو وڃي،هتان جي شھرين، سڄاڻ ڌرين،وڪيل برادري، واپاري، ڪاروباري طبقي جي ماڻھن،سياسي و سماجي،مذھبي اڳواڻن ضلع اوڀر ۽ سهراب ڳوٺ تعلقي انتظاميا کان هن اهم
۽ ضروري مسئلي طرف ڌيان ڇڪائڻ جي اپيل ڪندي چيو آھي تہ فوري طور چنگچين جو اسٽاپ شھر کان ٻاهر منتقل ڪيو وڃي، شھر اندر ريڙھي وارن ۽ دڪاندارن جي حددخلين کي هٽائي شھر اندر وڏين گاڏين جي داخلا تي پابندي لڳائي وڃي، سهراب ڳوٺ ٽائون ٽرانسپوٽرن، مسافرن ۽ شھرين کي درپيش مسئلن کان ڇٽڪارو ڏياريو وڃي.
جُون 13, 2023