ڪراچي: سنڌ جو وڏو وزير ملير جي سامونڊي پٽي تي پھتو، حفاظتي قدمن جو جائزو ورتو
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بنا پروٽوڪول جي ملير جي سامونڊي پٽي تي پهچي ويو. ساڻس گڏ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ، ڊپٽي ڪمشنر ملير عرفان سلام ميرواڻي،ابراهيم حيدري ٽائون جي نامزد چيئرمين نظير ڀٽو،
ايڊمنسٽريٽر ضلع ڪائونسل ڪراچي نور حسن جوکيو ۽ ٻين عملدارن سان گڏ ملير جي ساحلي پٽي جي علائقن ابراهيم حيدري، چشمه ڳوٺ، ريڙهي ڳوٺ جو دورو، وڏي وزير پاران سامونڊي طوفان بائپر جوائي جي امڪاني تباهه ڪارين ۽ حفاظتي قدمن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي وڏي وزير پاران ضلعي انتظاميه ۽ ٻين کان انتظامن بابت معلومات ورتي،
ڊي سي ملير پاران وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملير جي سامونڊي پٽي جي علائقن ۾ 15 هزار کان وڌيڪ متاثرين کي مختلف سرڪاري اسڪولن ۽ ٻين عمارتن ۾ رهائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار متاثرين لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي،
ملير، ٺٽو، بدين ۽ سجاول جي انتظاميه کي متاثرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ ۽ کين سهولتون ڏيڻ بابت هدايتون جاري ڪيون آهن هن چيو ته منهنجي اچڻ جو مقصد عوام جي خدمت کي يقيني بنائڻ آهي، وڏي وزير پاران ماڻهن کي پنهنجي گهرن ۽ خاندانن کي محفوظ بنائڻ جون هدايتون ڪيون
هن چيو ته سامونڊي پٽي جي رهواسين ۽ عام شهرين کي اپيل ڪئي ته هوءَ غير ضروري گهرن کان ٻاهر نڪرڻ تي پاسو ڪن. ملير جي سامونڊي پٽي تي متاثرين لاءِ 15 کان وڌيڪ سرڪاري اسڪولن ۽ عمارتن جي رهائش لاءِ بندوبست ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ضلع ڪائونسل ڪراچي پاران صفائي سٿرائي ۽ پاڻي جون سهولتون ڏنيون ويون آهن.
جُون 13, 2023