ڏوهارين سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي: ايس ايس پي عابد علي بلوچ
سانگهڙ (رپورٽ:شاهنواز رونجهو) معاشري ۾ جرائم جي پاڙ پٽڻ اسان جي اولين ترجيح آھي ڏوهارين سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي. پوليس ۽ عوام ۾ دوريون ختم ڪيون وينديون،
منشيات جي خاتمي لاء قدم کنيا پيا وڃن منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آھي.ايس ايس پي عابد علي بلوچ. خبر موجب: سانگھڙ ايس ايس پي عابد علي بلوچ صحافين جي دعوت نيشنل پريس ڪلب جي دوري تي پهتو،
ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته منهنجي اولين ترجيح معاشري ۾ ڏوهن جي پاڙ پٽڻ آھي، پوليس ۽ عوام ۾ رابطي جي فقدان کي ختم ڪري انسان دوست پوليس جو پيغام عام هئڻ گهرجي جيئن بلا تڪلف عوام پوليس سان رابطي ۾ رهي.
هن جو چوڻ ھو ته منشيات فروشن ۽ منشيات جو خاتمو ضروري آھي. صحت مند معاشرو ئي ترقي جون منزلون طعي ڪري سگهي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ميڊيا ۽ پوليس معاشري جي بهتري لاء پنهنجو فرض سرانجام ڏيندا آھن.
صحافين کي گهرجي ته قلم کي صحيح ۽ مثبت طريقي استعمال ڪيو وڃي ته جيئن معاشري ۾ ٿيندڙ ڏوهن کي جڙ مان ختم ڪري سگهجي. وڌيڪ چوڻ ھو ته عام ماڻھون لاء منهنجي آفيس جا دروازا چوويھ ڪلاڪ کليل آهن،
مون سڀني ايس ايڇ اوز کي هدايتون جاري ڪيون آهن ته عوام سان پيار ۽ محبت سان گڏ پيش اچن ته جيئن عوام جو پوليس تي اعتماد بحال ٿئي. عوامي خدمت جي ڪوششن کي جاري رکيو ويندو. ان موقعي تي صدر نيشنل پريس ڪلب اشفاق سلهري، جنرل سيڪريٽري ظاهر شاه، محمد قذافي، سليم ملڪ ۽ غلام مصطفيٰ ترين ايس ايس پي عابد علي بلوچ جو شڪريو ادا ڪندي عوامي مسئلن جي نشاندهي ڪئي
جڏھن ته معاشري ۾ ميڊيا جي ڪردار تي تفصيل سان روشني وجهندي آگاهي ڏني، ان موقعي تي ظفرالله لغاري واحد بخش شر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو روگرام جي آخر ۾ آيل مهمانن کي اجرڪ جا تحفا ۽ شيلڊ پڻ پيش ڪيا، پروگرام ۾ نيشنل پريس جي صحافين ۽ سڀني ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي.
جُون 13, 2023